شيخ عبدالسبحان ٺٽوي

شيخ عبدالسبحان ٺٽوي: شيخ عبدالسبحان ”فائز“ٺٽي جي اهلڪارن ۽ عملدارن مان هڪ اهم شخص ٿي گذريو آهي. هو شاعر هو، جنهن جي سموري شاعري مزاحيه ۽ هجو واري هئي، جنهنڪري ماڻهو سندس ڪلام کي ياد ئي نه ڪندا هئا. هو في البديه شاعر ۽ مزاح نگار هو. ڪوبه ماڻهو سندس هجو گوئيءَ کان بچي نه سگهندو هو. سندس مزاحيه شاعريءَ لطافت جي لذت کان خالي هئي. هنديءَ ۽ فارسيءَ ۾ شعر حضرت محمد و آل محمد صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ قصيدا ۽ مرثيا به چيائين، مدح ۽ مولودن ۾ به شهرت جو مالڪ رهيو. ٺٽي جي هجو ۾ به هڪ ڊگھو قصيدو لکيائين، عبدالسبحان فائز خوش طبع شخص هو ۽ شهر جي حاڪمن وٽ چڱي رسائي هئس. ٺٽي جي شيخ الاسلام ميرڪ محمد احسن هڪ وڏي عام دعوت ڪئي هئي، جنهن ۾ هڪ سيد ڪلب علي دعوت کان رهجي ويو جنهن تي عبدالسبحان جھٽ پٽ هڪ شعر چيو ته: هـنــدو مسلـميـن ز خــوان توســير اســتخوانــي نيـافــت کــلب عــلي. شيخ الاسلام جي دستر خوان تي مسلمان ۽ هندن کائي ڍؤ ڪيو، ليڪن افسوس جو سيد ڪلب علي دعوت کان رهجي ويو. عبدالسبحان 15 رمضان سن 1171هه/ 1757ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو